اوٺيئڙو اوٺار

اوٺيئڙو/ اوٺار: هيءَ ننڍڙي مڇي، سنڌوءَ ۾ گهڻي تعداد ۾ ٿيندي آهي. ننڍڙن ڇلرن واري هن مڇيءَ جو قد اڌ انچن کان ٻن انچن جي ويڪر ۽ ٻن انچن کان وڌ ۾ وڌ ڇھن انچن جي ڊيگھه جيترو هوندو آهي. هيءَ مڇي پاتپتري، يعني پلي وانگر هوندي آهي، هن جي سسي يا ڳل ڪجهه وڏا هوندا آهن ۽ اکيون پڻ وڏيون ٿين. اوٺيئڙي جا ڪجھه ٻيا قسم به هوندا آهن، جن ۾ ٿوري گهڻي ڊيگهه ويڪر جو فرق هوندو آهي. ڪي گول ”موراکيءَ“ جهڙا ٿيندا آهن، اڪثر پئينتل وارن وارياسين ڪنارن تي رهڻ پسند ڪندي آهي، جتي سندس ساٿي کٽير، ڦاٻڻا، پليئڙا ۽ ٻيون ننڍڙيون ڪُرڙيون هونديون آهن. سنڌ ۾ اُٺ چاريندڙ کي اوٺار به چيو ويندو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو